SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


هوائي طاقت


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


هوائي طاقت

Air Power

ايئر پاور

ويهين صدي عيسويءَ ۾ ٻين ڪيترن اهم اڳڀرائين مان هڪ اڳڀرائي هوا کان به ڳري اڏام جي صورت ۾ سامهون آئي. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ (19-1914ع) ۾ اهڙن جنگي هوائي جهازن کي علاقائي نگراني ۽ بمباريءَ لاءِ استعمال ڪيوويو، جن کي ماڻهو هلائي رهيا هئا. انهن لڙائين دوران جنگي هُنر جي ماهرن جوليودوهٽ (Giulio Douhet ) [1869-1930]۽ وليم مچل (William Mitchell) [1879-1936]مستقبل ۾ هوائي طاقت جي اهميت جي پيشنگوئي ڪئي. ”دوهٽ“ خاص طور دليل ڏنو ته مستقبل جي لڙائين ۾”هوائي برتري“ دُشمن جي ٺڪاڻن کي سرحد کان ٻاهران بمباريءَ ذريعي نشانو بڻائي حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن جي خيال مطابق فوجي توڙي غيرفوجي (Civilian) حوصلي ۽ همت کي ان طريقي سان جلدي ۾ ختم ڪري سگهجي ٿو. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ (45-1939ع) ۾ وڌيڪ اهم تبديليون ۽ سائنسي ۽ فني ايجادون ٿيون. انهن ۾ خاص طور جوهري (Nuclear) هٿيار۽ بئلسٽڪ ميزائيلن جو سرشتو آهي. انهن تبديلين”دوهٽ“ جي پيشنگوئيءَ ۽ اڳڀرائيءَ جي نظريي کي سچو ثابت ڪيو. نين ٽيڪنالاجيز خاص طور Stealth نالي سان هوائي جهازن جي ايجاد ۽ صورتحال سمجهڻ جي سگهه (situation power) جي استعمال سان آمريڪي هوائي فوج ”دوهٽ“جي ڏنل خواب، ”هوائي ڪمان“ کي سچ ثابت ڪري ڏيکاريو


Remember Me Also:

گهڻ متيو

ذ . گهڻين متين تي هلندڙ ، ڦرڻو گهرڻو ، ڦڙتيون کائيندڙ ، اوقاتي ، ٻهه رنگي ، ڳڻتي خور.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal